جسٽس دوراب پٽيل جي تصوير

جسٽس دوراب پٽيل جي تصوير

پٽيل دراب جسٽس

پٽيل، دراب، جسٽس: سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج، جسٽس دراب پٽيل 13 سيپٽمبر 1924ع ڌاري ڪوئيٽا ۾ جنم ورتو. پوءِ هو پنهنجي ڏاڏي سان گڏ بمبئي هليو ويو. جتي هن ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي تائين تعليم حاصل ڪئي. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلنڊ هليو ويو. بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري، 1954ع ڌاري وطن واپس آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1966ع ۾ مغربي پاڪستان هاءِ ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو. 1976ع ۾ پاڪستان سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو. هن ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪيس ۾ اختلافي نوٽ لکيو. 1981ع ۾ جڏهن صدر ضياءِ الحق عبوري آئين تحت سمورن ججن کي PCO تحت حلف کڻڻ لازمي قرار ڏنو ته هن حلف نه کنيو. 1984ع ۾ ايشيا جي انساني حقن جي ڪميشن جو ميمبر ۽ 1987ع ۾ انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس جو ميمبر بڻيو. 1987ع ۾ هي انساني حقن جي ڪميسن جو باني ميمبر ۽ تاحيات چيئرمئن بڻيو. 1993ع ۾ جنيوا ۾ منعقد ٿيل اقوام متحده جي انساني حقن جي ڪميشن جي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪيائين. ان کان سواءِ هو ڪڊني سينٽر جي انتظامي ڪاميٽي جو ميمبر رهي چڪو آهي. جسٽس دراب پٽيل، 15 مارچ 1997ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو